امين جويو

امين جويو

امين جويو

امين جويو: ليکڪ ۽ محقق. سندس اصل نالو محمد امين ولد غلام سرور جويو آهي. 15 سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ قائم شاهه، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان B.com ۽ MBA (HRM) جون ڊگريون حاصل ڪيون. تعليم دؤران روينيو، ٽيليفون کاتي، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ هوٽلن سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو. 2016ع کان ’سنڌ اڀياس اڪيڊمي‘ ڪراچيءَ ۾ ريسرچ ائسوسيئيٽ طور تحقيقي ڪمن سان وابسته آهي. هن لکڻ جي شروعات 2016ع کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن: ’ڪاوش‘، ’عبرت‘، ’عوامي آواز‘، ’سورمي‘، ’همسري‘، ’سنسار‘، ’چانڊوڪي‘، ’نئين آس‘ ۽ ’سفير سنڌ‘ ۾ شايع ٿيل آهن. جڏهن ته ”سنڌي ادبي سنگت“ جو پڻ رُڪن آهي. سندس پھريون تحقيقي ڪتاب ”تحقيق جي ڀري“ 2021ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنھن ۾ دادو ضلعي جي تعلقن: جوهي ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي ڪُجهه چٽسالي ٿيل اڏاوتن تي سندس تحقيقي مضمون شامل آهن


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1983.09.15  عيسوي

ليکڪ ۽ محقق. سندس اصل نالو محمد امين ولد غلام سرور جويو آهي. 15 سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ قائم شاهه، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بينا1
رابرٽ ارسڪن
سيد دادن شاهه جهانيان
جابر بن سنان حراني
شيخ فيض الله
چيٽرجي سنيتي ڪمار
گلڻ ڄام ڏاهري
چاچڙ حاجي خان اول
عبدالفتاح ميمڻ 2
امانت علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون